جوڊو ڪراٽي

جوڊو ڪراٽي

جوڊو ڪراٽي

جوڊو ڪراٽي: جوڊو ڪراٽي جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري جپان جي تاريخ پراڻي آهي. جوڊو جي معنيٰ آهي ’نرميءَ جو رستو‘، يا ’وڙهڻ جو شريفاڻو انداز‘. جپان ۾ جوڊو کان پهرين هڪ خطرناڪ راند ’جوجٽسو‘ کيڏي ويندي هئي، جيڪا هٿيارن کانسواءِ دفاع جو جپاني طريقو هئي. هن راند جي تربيت ۾ عضون جي علم جي ڄاڻ ضروري هئي. هيءَ راند وڏي عرصي تائين جپاني اميرن ۾ رائج هئي. ويهين صدي عيسويءَ جي ابتدا ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ به هن راند ۾ دلچسپي ورتي وئي. 1877ع ۾ جرمني، اٽـلــي ۽ سـوئـيـڊن گـڏيـل طــور يـورپيـن جـوجـٽسـو يونين قائم ڪئي ۽ پوءِ ’جوجٽسو‘ ۾ ترميم ڪري هن کي راند جو درجو ڏياريو ويو. 1887ع ۾ انٽرنيشنل جوجٽسو فيڊريشن جو نئون نالو ’جوجٽسو انٽرنيشنل فيڊريشن‘ منظور ڪيو ويو.
جوجٽسو انتهائي خطرناڪ فن هو. هن جو باني هڪ چيني راهب ڇهن چن يو آن ڀنگ هو. جپان ۾ سترهين صديءَ ۾ جوجٽسو جا ڪيترا اسڪول قائم ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ نوجوان هن فن جي تربيت حاصل ڪندا هئا، انهن ڏينهن ۾ جپان تي اولهه-وارن جي حڪومت هئي، سموراتئي پاڻ سان تلوار رکندا هئا، ان ڪري هن فن جي مظاهري دوران ڪنهن هڪ ڌر جو سر هليو ويندو هو. اڪثر زنده بچندڙ به سڄي عمر لاءِ معذور ٿي ويندا هئا. 1871ع ۾ سموراتئي جوجٽسو جي رانديگرن وٽ تلوار رکڻ تي بندش وڌي وئي، پر راند جي وحشياڻي طريقي ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي، ٽوڪيو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جگودو ڪانو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جپان ۾ هن فن جو نالو نشان مٽجي ويندو. ان کانپوءِ هن جاپان جي بهترين استادن کان هيءُ فن سکيو ۽ هن ۾ خطرناڪ انگ الڳ ڪري، نئين انداز ۾ ’جوڊو‘ کي متعارف ڪرايو. پروفيسر هن راند ۾ هڪ نئون اصول ’سوري ڪومي‘ متعارف ڪرايو. جنهن جي ذريعي پهرين مخالف جو توازن بدلايو ويندو هو، پوءِ ٿرو ڪيو ويندو هو. دراصل جگودو ڪانو، جوڊو ۽ جوجٽسو ۾ فرق واضح ڪرڻ پئي گهريو. هن ’جوڊو‘ ۾ هڪ اعليٰ اصول وضع ڪيو، يعني ’گهٽ محنت ۽ وڌيڪ ڪارڪردگي‘، ’جوڊو‘ 1882ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.


لفظ جوڊو ڪراٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو